شمع سنڌ

شمع سنڌ (اخبار): هي سنڌي ۽ انگريزي هفتيوار اخبار هئي، پير علي محمد شاهه راشديءَ جي پرنٽنگ پريس ’حامد پرنٽنگ پريس‘، جيڪا سندس ڳوٺ بهمڻ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ واقع هئي، اتان شايع ٿيندي هئي، هن اخبار جو ايڊيٽر شاهنواز گهمرو هو، اخبار جو پهريون پرچو 6 نومبر 1937ع تي نڪتو. هن اخبار جو ساليانو چندو 3 روپيا هو. هن اخبار جون 1150 ڪاپيون نڪرنديون هيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو